اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دو??ت منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دو??ان ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر ??وبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به ن??ازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.