اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مشهور حريت اڳواڻ يا??ين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني ح??ن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حماي?? جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بي مثال بهادري ۽ حريت جي علامت ۽ ضمير جي قيدي يا??ين ملڪ جي خلاف ڀارتي هٿڪنڊا رد ڪريون ٿا، اها ڪشميرين کي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني ح??ن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدم جو نوٽيس وٺي، حڪومت پاڪستان عالمي ۽ انساني ح??ن جي سمورن ادارن ۽ او آءِ سي جي فورم تي يا??ين ملڪ ۽ ڪشميري قيادت جي خلاف انتقامي ڪاررواين کي پوري قوت سان اٿاريندي، هن چيو ته 5 ??گسٽ 2019ع جي ناجائز ۽ غير قانوني قدمن وانگر يا??ين ملڪ جي خلاف ڪيس به غير قانوني ۽ ناجائز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪندڙ ڀارت ڪشميرين جي نمائنده حقيقي قيادت ختم ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آزادي ڪشمير جي نشاني سيد علي گيلاني شهيد جي مڙهه کان ڊڄندڙ ڀارت يا??ين ملڪ جي ح?? واري ڳالهه کان ڊنل آهي. اشرف صحرائي شهيد، سندس شهيد صاحبزادي سميت هزارين شهداءِ ڪشمير راءِ شماري واري تحريڪ کي حاصل ڪرڻ جي منزل جا سنگ هاءِ ميل آهن. اهي سڀ شهداءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني طور تي قابض ڀارت جي ظلم ۽ بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت جي ڪاري قانون ۽ عدالتي نظام عدل جي عالمي ۽ فطري گهرجن جي ابتڙ آهن، مڃيل تاريخي ح??يقت آهي ته ڪنهن قوم کي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي، ڪارن قانونن ۽ سزائن سان غلام نٿو بڻائي سگهجي، ناجائز حڪومت جي ڪارن قانونن سان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي غلام نٿو بڻائي سگهجي، وزيراعظم چيو ته بهادر ڪشميرين کي انهن جي بي مثال جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرائي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حماي?? جاري رکندي.