اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عمران ??ان ??ي ڪال رد ڪرڻ تي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ته اها گهرن ۾ رهي ۽ فتني مارچ جو حصو نه بڻي، پنجاب ۾ ڪٿي به ڪجهه سئو کان وڌيڪ ماڻهو نه نڪتا، عمران ??ان ??ي مقبوليت جو تاثر پنهنجي موت پاڻ مري ويو، خيبرپختونخواهه جي سرڪاري وسيلن سان ٽي کان چار هزار جو هٿياربند جٿو اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي ڪرڻ جي اجازت آهي، فساد نه پکيڙڻ ڏينداسين، چار سال معاشي تباهي مچائيندڙ هاڻي لانگ مارچ سان ??اقي ڪسر ڪڍي رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران ??ان ??ي دعويٰ 20 لک ماڻهن کي آڻڻ جي هئي، پوءِ 30 لک ماڻهن جي دعويٰ ڪئي وئي پر رڳو خيبرپختونخواهه ??ان ٽي کان چار هزار ماڻهو نڪتا، پنجاب مان ??تي چوڪ ۽ هڪ جڳهه تي اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو قافلو هو جيڪو معزز عورت ميمبرن جي گرفتاري جي پاڻمرادي دعويٰ ڪندي واپس هليو ويو ۽ پنجاب جي عوام فتني فساد مارچ جو حصو بڻجڻ کان ??نڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام به فتني فساد مارچ جو حصو نه بڻي. هن چيو ته فتني فساد جو حصو نه بڻجڻ تي پنجاب جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ڪجهه سئو ان فساد جو حصو بڻيا آهن انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي قوم کي ورڇ ڪرڻ جي ايجنڊا کان پري رهن ۽ ان ??و حصو بڻجڻ کان ??نڪار ڪري ڇڏين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ??ان ??رڪاري پروٽوڪول ۽ سرڪاري سرپ??ست?? ۾ ڪرين ۽ هٿيارن سان ليس ٽي کان چار هزار ماڻهن جو جٿو وفاق تي چڙهائي جي نيت سان نڪتو آهي، انهن جو اهو مارچ غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، حالت اها آهي ته عوام ??ست?? تي سخت گرمي ۾ خوار ٿي رهي آهي ۽ نام نهاد انقلابي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ سوار آهن، انقلابي مارچ جو منظرنامو ڏسي انهن کي گهرجي ها ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته ملڪ جي نظام کي خراب نه ڪنداسين.