لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ شدي?? ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ??ات?? امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي ا??تق??م جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز ا??تق??م جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عي?? ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخ?? محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز ??ات?? امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پ??ران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.