ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائدا??ظم مح??د علي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، ??ربع ڏينهن وزيرا??ظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيرا??ظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميم??رن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، ??معيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيرا??ظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.