اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خ??دمختيار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان همدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خوا?? ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن سان نفرت ڪري ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سر??ر سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ??ا، چوڌري سر??ر جي پرويز الاهي سان نه ٺهي رهي آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سر??راز چيما کي نئون ??نجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خ??دمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ??ا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي ويندي.