اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ا??ان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، ا??ان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبرن جي درن تي وڃي چئي ره??ا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئين جي روح کي توهان ۽ توهان جو والد متاثر ڪري ره??ا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن ا??ان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن ??ان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ره??ا آهيو، سياسي ڪارڪن جي حيثيت ??ان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ ا??ان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته انهن جي ”ان هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئي??يا??وجي کي مولانا جي آئي??يا??وجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊر توهان کي سمجهي ٿي ته اها توهان جي غط فهمي آهي، توهان جو نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هر شعور رکندڙ شهري سمجهي چڪو آهي ته ان ”ان هولي الائنس“ جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چيو ته ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت ??ان پاڪستان جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت ??ان توهان افغانستان جي ماڻهن جي خدمت ڪري ره??ا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. ا??ان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو آهي، انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن اهي توهان جي ماضي کان غافل آهن؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟