اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي محاذ تي حڪومت مڪمل اعتماد سان بيٺل آهي، مخالف ڌر جي چهرن مان خبر پئجي رهي آهي ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن، مخالف ڌر پاران پاڪ فوج جي خلاف هڪ مهم هلائي پ??ي وڃي، فضل الرحمان، نواز شريف ۽ آصف زرداري پ??ڪ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، ڊان ليڪس، ڀارتي واپارين ۽ نريندر مودي سان نواز شريف جون ملاقاتون ۽ فوج مخالف بيان ان جي عڪاسي ڪن ٿا، شريف خاندان جي سازشي سياست جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي آزاد آهي، پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، اسان جي خواهش آهي ته 23 مارچ جي تقريب کان اڳ اهي سياسي ڊراما ختم ٿي وڃن، الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي آزاداڻي ۽ خودمختاري تي ٻڌل ۽ ملڪي مفاد ۾ هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ج??هن ۾ وزيراعظم چيو ته سياسي محاذ تي اسان پوري اعتماد سان بيٺل آهيون ۽ وزيراعظم جو بيان حڪومت جي سياسي پ??ليسين مان به جهلڪي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪيمٽي جي اجلاس ۾ جنهن ڳالهه تي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو اها هي هئي ته مخالف ڌر جي هڪ پوري مهم آهي جيڪا پاڪستان جي فوج جي خلاف هلائي پ??ي وڃي، هر ڀيري اسان تنبيه به ڪئي آهي ته سياست کي ان طرح سان گندو نه ڪريو، مولانا فضل الرحمان جي ڪالهوڪي انٽرويو سان اهو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو آهي، هن مولانا فضل الرحمان جي گفتگو وارو وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌايو ج??هن ۾ فضل الرحمان جن ادارن ۾ سڌا??ن جي ڳالهه ڪئي هي اهي ئي سڌارا آهن جنهن جو اظهار نواز شريف اقتدار ملڻ تي ڪندو هو، نواز شريف اينڊ ڪمپني سدائين فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪالهوڪي سوال کي به جوڙي ڏسون ته جيڪا ايجنڊا فضل الرحمان ڏئي رهيو هو اها به فوج تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي خواهشن جي ڳالهه هئي. هن چيو ته جڏهن ميمو گيٽ جو اسڪينڊل آيو هو ته ان وقت به انهي قسم جي مهم هلي وئي هئي، ميموگيٽ اسڪينڊل ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري جي حڪمن تي مشتمل وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌائي وئي، اطلاعات واري وزير چيو ته زرداري، فضل الرحمان ۽ نواز شريف جي فوج کي تابع ڪرڻ جي پ??اڻي خواب جي عڪاسي ڊان ليڪس ۽ ميموگيٽ جي ڪلپس مان ٿئي ٿي. هن چيو ته ڊان ليڪس ۾ به انهي فوج مخالف ايجنڊا جو انڪشاف ٿيو، پوءِ نواز شريف ڀارتي ڪاروباري شخصيتن ۽ نريندر مودي سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڀارتي صحافي برکادت پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو انڪشاف ڪيو ته کٽمنڊو ۾ نواز شريف مودي سان ملاقات ڪئي جيڪا شيڊول نه هئي، اهڙي طرح نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ بنا ويزا جي مودي پ??ڪستان اچي ويو ۽ اهو اهو ئي وقت هو جڏهن نريندر مودي پ??ڪستاني فوج سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف جي باري ۾ اهو بيان ڏنو ته هو دهشتگرد آهي ۽ نواز شريف مسئلن جو حل چاهي ٿو، ان کانپوءِ انهي نريندر مودي کي پ??ڪستان گهرايو ويو جڏهن هن پاڪستان جي فوج جي مٿان قاتل حملا ڪيا ۽ انهي وقت مودي نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ شرڪت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان تي نواز شريف ڀارت کي ڪهڙي آڇ ڪئي ان جو انڪشاف به پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو. انٽرويو ۾ ان جو چوڻ هو ته شريف خاندان ڀارت نواز هو ڇو ته ان جو ڪاروبار اتي هو، حڪومت جي هڪ پراڻي پ??ڏيهي پ??ليسي رهي آهي ته ڪو به پاڪستاني سربراهه يا سينئر اهلڪار ڀارت وڃي ٿو ته حريت اڳواڻن سان ملاقات لازمي رکي ويندي آهي پ?? نواز شريف جڏهن دهلي ويو ته هن ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات نه ڪئي، ان جي آفيس مان واضح هدايتون هيون ته ڪلڀوشن جو نالو پرڏيهي آفيس کي به ناهي وٺڻو، ان جو فائدو نواز شريف کي ته ٿيو هوندو پر پاڪستان کي ڪو به فائدو نه ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي هدايتون عين ان وقت ڏنيون پئي ويون جڏهن ڀارتي وزيراعظم، پاڪستاني آرمي چيف کي دهشتگرد جو ساٿي ۽ نواز شريف کي مسئلن کي حل ڪندڙ قرار ڏئي رهيو هو، هن چيو ته ان سازشي خاندان جي سياست اتي ئي ختم نه ٿي ۽ نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز به پنهنجي مختلف بيانن ۾ فوج تي پ??ڻي وانگي حملا ڪيا. هن فوج جي حوالي سان جيڪي بيان ۽ نعرا لڳايا اهي به ان وڊيو ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا جنهن ۾ مريم نواز، پرويز رشيد، خواجه سعد رفيق ۽ خواجه آصف جا بيان به ٻڌايا ويا. وفاقي وزير چيو ته بي اعتمادي جي جيڪا رٿ هنن پيش ڪئي ان ۾ اهي الزام لڳائي ر??يا آهن ته يورپي يونين تي وزيراعظم تنقيد ڇو ڪئي، اسان پهرين به ان انهن کان پڇيو هو ته مخالف ڌر جو يورپي يونين سان ڪهڙو رشتو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ته تمام آسان ۽ سادي ڳالهه چئي ۽ پڇيو ته جيڪو خط توهان پاڪستان کي لکيو ڇا اهو ڀارت يا ڪنهن ٻي ملڪ کي به لکيو آهي. هن چيو ته اسان ته پڇي ر??يا هئاسين ته يورپي يونين سان توهان جو ڪهڙو رشتو آهي ان تي اڄ حمزه شهباز ۽ ان کان پهرين مولانا فضل الرحمان به چوي ٿو ته وزيراعظم يورپي يونين تي ڳالهه ڇو ڪري ٿو، دراصل انهن جا اهي بيان پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پ??ليسي جي تڪليف آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي لنڊن ۽ يورپ ۾ پيل انهن جي پ??سن جو محفاظ بڻجڻو آهي يا آزاداڻي ۽ خودمختيار پاليسي کي اڳتي وٺ?? هلڻو آهي. هن چيو ته هڪ طرف اهي فوج کي نشاني تي رکيو آهي ۽ ٻي طرف اهي چاهين ٿا ته اسان انجمن غلامن وانگر زندگي گذاريون. چوڌري فواد حسين چيو ته الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي آزاداڻي ۽ خودمختياري تي ٻڌل ۽ اسان جي ملڪي مفاد ۾ هوندي، اسان جي مفاد ۾ اهو به شامل آهي ته مغربي ملڪن جو ج??ڪو بلاڪ آهي اسان ان سان بهترين لاڳاپن جا حامي آهيون، هن چيو ته ان جو هر گز اهو مطلب نه آهي ته اسان ان خودمختياري کي انهن جي خواهشن جو غلام بڻائي ڇڏيون. اسان کي پنهنجي پ??ڏيهي پ??ليسي پنهنجي مفادن جي تابع رکڻي آهي. اسان جو واپار ضرور يورپ سان آهي، اسان پنهنجي غيرت کي وڪڻي واپار نه ڪري ر??يا آهيون، واپار جي انهن کي به ضرورت آهي ۽ اسان کي به ضرروت آهي، واپاري لاڳاپا هڪ ٻئي جي مفاد تي ٻڌل هوندا آهن جنهن قيادت وٽ عزت نفس ئي نه هجي ته عام ماڻهو وٽ ڪهڙي عزت نفس هوندي. هن چيو ته اڄ پورو پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي پويان بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله اسان انهي آزاداڻي پ??ڏيهي پ??ليسي کي اڳتي کڻ?? هلنداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو ج?? اسلام آباد وارا ٿورو ادا ڪري ر??يا آهن ته ڪيترا لانگ مارچ ايتري کل تي ختم ٿين ٿا جهڙو پيپلزپارٽي جو ختم ٿيو، ٽهڪن ۽ کل تي ٻڌل لانگ مارچ تي اسان به ان جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، جيستائين بي اعتمادي رٿ جو تعلق آهي اسلامي پ??ڏيهي وزي??ن جو وفد 21 مارچ تي اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ 23 مارچ جي پ??يڊ ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزير ۽ يورپي ملڪن جا وزير ۽ نمائيندا به شرڪت ڪندا، اسان جي خواهش آهي ته اهي سمورا سياسي ڊراما ان تقريب کان اڳ ختم ٿي وڃن ۽ ان کي کڻي اڳتي وڌي ر??يا آهيون، هن چيو ته جهڙي طرح وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان ان محاذ جي مٿان پُراعتماد آهيون ۽ ان جي مٿان جيڪا قانوني پوزيشن آهي بلڪل واضح آهي، اسپيڪر وٽ اهو مڪمل اختيار آهي ته هو انهن ماڻهن جا ووٽ قبول نه ڪندو ج??ڪي پ??رٽي مينڊيٽ جي خلاف ويندا ۽ آرٽيڪل 63 ان حوالي سان بلڪل واضِح آهي. هن چيو ته هن وقت 179 ماڻهن جي اسان کي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ اميد آهي ته 5 وڌيڪ ماڻهن جي حمايت ملندي ويندي، مخالف ڌر کي 172 ميمبر آڻڻا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 163 تحت خلاف ورزي کي روڪڻو ئي آهي، پنجاب جي وڏي وزير کي وزيراعظم ۽ پارلياماني پ??رٽي جو اعتماد حاصل آهي ۽ جيستائين اهو اعتماد آهي هو وڏو وزير ئي رهندو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جي پويان ڀارت کان سپورٽ ٿي رهي هئي ۽ ان جي ترديد نه آئي، آرٽيڪل 63 ون اي مختلف آهي ۽ آرٽيڪل 63 جي شق 2 الڳ آهي، آرٽيڪل 63 ون اي چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو پنهنجي پ??رٽي ڇڏي رهيو آهي ۽ ٻي پ??رٽي ۾ وڃي رهيو آهي ته ان سان گڏ ئي ان جي ڊڪليئريشن ختم ٿي ويندي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي آئيني اسڪيم آهي ان ۾ فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي، فوج کي ته پنهنجي آئين تي عمل ڪرڻو آهي ۽ هو ان تي عمل ڪندي، جهانگير ترين ۽ عليم خان به رابطي ۾ آهن ۽ ڳالهه ٻولهه رهندي متحده قسم جو رد عمل ڏيندا.