لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خطرو نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ اڃان وقت آهي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قي??ر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي. گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان مل??قا?? ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان مل??قا?? ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو تعارف ڪرائيندي اسپيڪر کان پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به ت??صيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسپيڪر اسد قي??ر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قي??ر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.