اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) ??زا??ي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??زا?? ڪشمير جي گادي واري شهر ۾ يادگار شهداءِ جو افتتاح ڪيو. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ جي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ??زا?? ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ ??زا?? ڪشمير جي اڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي وزيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير شهداءِ جا نالا لکيل آهن ?? شهيدن جي قربانين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، يادگار شهداءِ تحريڪ ??زا??ي ڪشمير جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪ??مير جي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشميري لوڪ گ??ت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدر کي يادگار شهداءِ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪ??مير ۾ جاري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. ??زا??ي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ هڪ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاهيو ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال ??زا??ي جي جدوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق وزيرستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظفرآباد ڪوهالا روڊ تي آهي.