اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر بابت وڏي پئماني تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن جو تعداد ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، ڇاتي جي ڪينسر جي وڌندڙ شرح کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ??رورت آهي، وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج سان ان مرض کان بچي سگهجي ٿو، حڪومت عورتن کي پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن اهڙن ??يا??ن جو اظهار نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنڪ ربن جي ??هتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر کان بچاءُ جي موضوع تي منعقد هڪ سيمينار ۾ خاص مهمان جي ??يثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معاشري جو اهم حصو هجڻ جي ناطي صحتمند عورتون ئي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪري سگهن ٿيون، ان لاءِ عورتون ڇاتي جي ڪينسر جهڙي موذي بيماري کان تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ هر مهيني باقاعدگي سان پنهنجو معائنو ڪرائين. هن چيو ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر سان موت جو بنيادي سبب ان موذي مرض جي وقت سر سڃاڻپ نه ٿيڻ آهي ڇو ته شروعاتي مرحل?? ۾ ??ڃاڻپ ٿيڻ سان اهو مرض 98 سيڪڙو تائين قابل علاج آهي، دير سان سڃاڻپ جي ڪري اها بيماري عورتن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي ان لاءِ ڪنهن به علامت جي ??اهر ٿيڻ جي ??ورت ۾ معائنو ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن جي موت جي ??ببن مان هڪ ڇاتي جو ڪينسر آهي، ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ اهو مرض وڌي رهيو آهي، ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 90 هزار عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي ??ڃاڻپ ٿيندي آهي جنهن سان ڪيتريون ئي عورتون موت جي منهن ۾ هليون وينديون آهن، جنهن جو وڏو سبب ڇاتي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ آهي، ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي، شروعاتي مرحلي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي ??ڃاڻپ سان علاج آسان ۽ مڪمل شفا ممڪن آهي ان لاءِ پنهنجي ڇاتي ۾ ڪنهن به قسم جي ??ير معمولي تبديلي جي ??ورت ۾ فورن ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قسم جي گهٻرائٽ نه ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته 40 سالن کان گهٽ عمر جون عورتون باقاعدي سان پنهنجو معائنو پاڻ ڪن، 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي ??ورتن کي باقاعدگي سان هر سال ميمو گرافي ڪرائڻ گهرجي، عورتون سڄي مهين?? ۾ ??رف پنج منٽ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجو معائنو ڪرائين ته جيئن ان موذي مرض کان بچي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ جتي عورتن جي ??وشل ميڊيا تائين پهچ نه آهي، عورتن کي ٽيليفون ميسيج جي ??ريعي آگاهي ملي رهي آهي، ان سلسلي ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيندي چيو ته ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر جي ??ببن، علاج ۽ بچاءُ جي ??اري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ آگاهي نه هجڻ جي ڪري ڇاتي جي ڪينسر جي ??رح ??ڌيڪ آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مختلف اين جي ??وز سان گڏجي ??سان ان موذي مرض کان بچاءُ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ماڻهن ۾ اهو احساس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر سماجي ??دنامي نه پر هڪ موذي بيماري آهي. ان کان اڳ ثمينه عارف علوي نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي ٽولٽن مارڪيٽ آرٽ گئلري جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ خاتون اول ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊزائين يونيورسٽي آف پنجاب جي ??هتمام هيٺ منعقد تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ آرٽ گئلري جو دورو ڪيو.