اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪتاب علمي، ادبي ۽ شعري خزاني تائين پهچ جو اهم ذريعو رهيو آهي، ڪت??ب پڙهڻ جي شوق سان ئي هر معاشري مختلف شعبن ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، جديد ميڊيا خاص طور تي انٽرنيٽ جي اچڻ ۽ پوءِ ڊيجيٽل ميڊيا جي فروغ اطلاعات تائين پهچ ۾ نئين رجحانن کي فروغ ڏن??، جتي ڊجيٽل، سوشل ميڊيا اطلاعات جو خانو آهن، اتي ڪتاب اڃا به علم حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اسٽڊي ??روگرام ”تدبر“ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪت??ب پڙهڻ جي فروغ لاءِ جتي وزارت جي آفيسرن کي جديد موضوعن بابت ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، اتي اسان ٻاهرئين ملڪ مختلف سفارتخانن ۾ مقرر ميڊيا آفيسرن کي پڻ انهن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اڄ اسان کي جن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اسان کي بحيثيت قوم انهن جو حل ڳولڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ئي اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيسرن جي لاءِ بڪ اسٽڊي ??روگرام ”تدبر“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مقررين عوام ۾ ڪت??ب پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. مقررين چيو ته ڪتاب علم جو ذخيرو هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي، نئين نسل ۾ ڪت??ب پڙهڻ جي عادت کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان نه رڳو انهن کي تعليم جي حوالي سان معلومات ملندي جڏهن ته انهن جي علم ۾ پڻ اضافو ٿيندو. اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي سيڪريٽري محمد اعظم تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ بڪ اسٽڊي ??روگرام شروع ڪرڻ کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو هڪ اهم قدم قرار ڏن??. هن چيو ته انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ ڪت??ب پڙهڻ جي عادت ۾ گهٽتائي آئي آهي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن کي ڪتابن جي فراهمي لاءِ ”تدبر“ پروگرام هڪ بهترين قدم آهي. اطلاعات واري اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته ماضي ۾ وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن ۾ يونيسيف جي تعاون سان ٻارن جي لاءِ 10 لائبريريون کوليون ويون جن بهترين موقعا فراهم ڪيا. هن چيو ته هاڻي انٽرنيٽ تي لکين ڪت??ب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن ۽ ڪير به انهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر نجيبه عارف چيو ته نئين آفيسرن جي لاءِ ڪت??ب پڙهڻ جي بحالي هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات جي اڳوڻي وزير جاويد جبار پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان کي ڪت??ب پڙهڻ جي عادت وجهڻي پوندي، روزانو 30 کان 40 صفحن جو ڪت??ب پڙهڻ ضروري آهي. هن چيو ته ”تدبر“ پروگرام سان انفارميشن آفيسرن جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڊاڪٽر هما بقائي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪتاب ۾ علم موجود هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي. ان کان اڳ آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته ڪت??ب پڙهڻ ۾ گهٽتائي جو هڪ وڏو سبب ڪتابن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ آهي. هن چيو ته پرنٽنگ ڪارپوريشنسزتي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي ته جيئن مناسب قيمت تي ڪتابن جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.