اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پ??لي??ي 26 -2022ع جي منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاه??ين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، ق??مي سلامتي پ??لي??ي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ق??مي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پ??لي??ي 26 -2022ع جي منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شه??ين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاه??ين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پ??لي??ي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پ??لي??ي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پ??لي??ي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ق??مي سلامتي مشير اجلاس کي پ??لي??ي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پ??لي??ي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شه??ين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شه??ين جي تحفظ جي خاطر پ??لي??ي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شه??ين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پ??لي??ي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پ??لي??ي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، ق??مي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پ??لي??ي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.