اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر س??ار محمد انتظار، س??ار سلمان ۽ س??ار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر س??ار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ س??ار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دع?? ڪئي. صدر دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.