اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن ??مان لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ امان ضروري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل قومن ??ي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرتگال سان پاڪستان جي گڏيل لاڳاپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظها?? ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظها?? ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي ح??ال?? سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن ??مان لاءِ افغانستان ۾ امن ??مان ضروري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغانستان سان رابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن افغان عوام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان جي مدد ڪري سگهجي ۽ افغانستان کي معاشي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن افغانستان سان سفارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي ح??ال?? سان پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگ?? ڪيو، هن پرتگال جي پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، انسانيت جي خلاف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي ح??ال?? سان عالمي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ پرتگال جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش جو به اظها?? ڪيو.