اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي مح??د بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته ??اڪ??تان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان ڪاروبار ۽ واپاري تعاون جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، ??اڪ??تان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگ??ه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته ??اڪ??تان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شعبن ۾ ??اڪ??تان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگ??ن ٿا. هن چيو ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دوست ملڪن سان بطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ??اڪ??تان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.