ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪمن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو?? پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪميونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اج??اس دوران ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اج??اس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪوم?? وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي ??يم??ري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين ??يم??رين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿو??و مڃيو.