اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پا??ست??ن ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي س??ير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پا??ست??ن ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي س??اسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پا??ست??ن ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي س??ير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران جي س??ير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متوقع ايران جي ??ور?? جي حوالي سان سفير سينيٽ چيئرمين کي ??ور?? جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو ??ور?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ث??بت ٿيندو.