اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪ??ي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻ??هر??ن ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي س??ن پنهنجي فيصلي تي عمل??رآ??د يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻ??هر??ن ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ م??د ملندي، صدر ان حوالي س??ن 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪ??ي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي فيصلي تي بنا دير قانون موجب عمل??رآ??د يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيصلي تي عمل??رآ??د جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻ??هر??ن ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي س??ن عمل??رآ??د جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي هئي.