اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو عهدو ڇڏيندڙ عهديدارن کي ڪ??مي??بي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پارلياماني ص??اف?? جو پارلياماني ڪارروائي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، پارلياماني رپورٽرز کي ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هو پي آر اي جي عهدو ڇڏيندڙ باڊي ۽ سينئر صحافين جي اعزاز ۾ سينيٽ چيئرمين جي پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر چيو ته پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ هاڻي ڊجيٽلا??يز??شن ميڊيا جو دور آهي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تيزي سان طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ هاڻي خبر وقت جو انتظار ناهي ڪندي، پر خبر جي رفتار سپر سونگ جهاز وانگر تيز آهي، ميڊيا ڊجيٽلا??يز??شن کي شفاف شڪل ڏيڻ به هڪ وڏو چئلينج آهي،