اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وز??را??ظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪ??مي??ب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان عزم کي ورجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به ??يمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي، اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. پي ٽي آء?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪور ڪميٽي جو اجلاس وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وز??را??ظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪ??مي??ب ڪوششن کي ساراهيو. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لاء) کي قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به ??ارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي و??ندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڀلي ان جي ڪا به ??يمت ڇو نه هجي.