ا??لا?? آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي تاريخي ترقياتي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گلگت بلتستان جي ترقي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، ن??ڻي واري وفاقي وزير محمد حماد اظ??ر، مواصلات واري وزير مراد سعيد، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، پلانگن ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.