اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذ??بي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده ??ديله رباب ڪاظمي ان موقعي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس ج?? ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي تي اداري جا سينئر آ??يسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذ??بي هم آهنگي جو عملي مظاهر?? ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده ??ديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس ج?? ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.