اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪراچي ۾ رچايل ڊرامي جو مقصد بدعنواني جو تحفظ ۽ اين آر او گهرڻ آهي. ڊرامي ذريعي مادر ڪوڙ کي مادر ملت بنائڻ چاهين ٿا. نواز شريف انقلابي آهي ته ملڪ واپس اچي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪر?? ۽ باقي زندگي جيل ۾ گذاري. عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪر?? ڏيکاريندو آهي. جيستائين عمران خان جي زندگي آهي ڀلي وزيراعظم رهي يا نه رهي، هو ان کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏيندو. حڪومت لٽيل دولت جي واپسي ۽ بهتر حڪمراني طرف توجهه ڏئي رهي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته بدقسمتي سان 40 سالن ۾ 2 ٽبر سياست ۾ آيا آ??ن. جن ??وڙ ڳالهائڻ ۾ بي ايس سي ڪئي آهي، پر ان باوجود هر ڀيري پڪڙجي پوندا آ??ن. اهي ماڻهو پهرين صفائي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آ??ن. ميڊيا ۾ من پسند دوستن ذريعي لانچ ڪيا ويندا آ??ن ۽ انهن جي ٽائيمنگ به اهڙي رکندا آ??ن جنهن سان انهن کي فائدو ٿئي.