اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضر??رت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جاري ڪر?? ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي رليف پئڪ??ج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جون بنيادي ضر??رت جون شيون حاصل ڪر?? سگهندا.