پشاور – پهرين جنوري (اي پي پي) ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي و??و. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هندو مذهبي پيشوا شري پرم هنس جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هند?? برادري جي ياترين جي ٽيري اچڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هندو ڪائونسل پاڪستان پاران غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کان هند?? برادري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان انهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستان جي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان هند?? برادري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پاران مهمانن جي اچڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان خانن ۾ تبديل ٿي و??ا، ٻئي طرف هند?? برادري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان سودو سامان پڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هند?? برادري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي و??ا. ان موقعي تي هند?? برادري جي قانوني معاملن جي انچارج روهيت ڪمار ايڊووڪيٽ سميت ٻين ياترين پاڪستان حڪومت پاران ٽيري سميت هندوئن جي ٻين مذهبي جاين جي حفاظت ۽ جاين کي مذهبي سياحن جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي سان گڏوگڏ مذهبي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀارتي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انهن جي مذهبي جاين تائين پهچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀارت مان 200 مرد ۽ عورت ڀارتي ياترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذ??يع?? صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان لاهور هوا??ي اڏي کان هوائي جهاز ذ??يع?? پشاور هوا??ي اڏي پهتو جتان اهو قافلو پشاور کان ٽيري جي لاءِ روانو ٿيو.